واٽس ايپ دنيا جي سڀ کان وڌيڪ استعمال ٿيندڙ ميسيجنگ ايپ آهي، جنهن جي ذريعي سولائي سان تصويرون، وڊيو، ڊاڪيومينٽ، آڊيو فيچر ۽ ٻيو گهڻو ڪجهه هڪٻئي سان شيئر ڪري سگهبو آهي.
وقتن به وقت واٽس ۾ سهولتن جي واڌ ٿيندي رهي آهي جنهن جي ڪري ان جي واهپيدارن کي وڌيڪ سولايون ڏنيون وينديون آهن.
تنهن هوندي به هن ڀيري ڪمپني فيصلو ڪيو آهي ته اها ايپ هر ڪنهن جي استعمال لاءِ ميسر نه ڪئي ويندي.
واٽس ايپ 2020 جي آخر ۾ ڪروڙين اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس موبائل فونن لاءِ سپورٽ ختم ڪري ڇڏي هئي.
ان موقعي تي ٻڌايو ويو هو ته آءِ او ايس 9 کان اڳ واري آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ آءِ فون لاءِ واٽس ايپ ختم ڪئي وڃي ٿي.
وري ڳالهه ڪجي اينڊرائيڊ فونز جي ته اينڊرائيڊ 4.0.3 کان اڳ واري فونز لاءِ واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي وئي هئي.
تنهن هوندي به هاڻي ڪمپني پهرين نومبر کان پراڻي آءِ او ايس ۽ اينڊرائيڊ آپريٽنگ سسٽمز تي ڪم ڪندڙ وڌيڪ فونز لاءِ سپورٽ ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
واٽس ايپ پنهنجي ايف اي ڪيو پيج ۾ ٻڌايو آهي ته آءِ او ايس 9 تي ڪم ڪندڙ آءِ فونز لاءِ دنيا جي مشهور ترين ميسيجنگ ايپ سپورٽ ختم ڪئي پئي وڃي.
مطلب ته هاڻي واهپيدارن کي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ آءِ او ايس 10 يا ان کان مٿين آپريٽنگ سسٽم جي ضرورت پوندي.
آءِ فون ايس اي، آءِ فون 5 ۽ 5 ايس ۽ 5 سي، 6 ايس ۽ 6 ايس پلس ۾ هن وقت تائين آءِ او ايس 9 آپريٽنگ سسٽم آهي، انهن کي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ لاءِ آپريٽنگ سسٽم آءِ اپ ايس 10 يا ان کانپوءِ واري ورزن ۾ اپڊيٽ ڪرڻو پوندو.
اهڙي ريت اينڊرائيڊ 4.0.4 يا ان کان اڳ واري آپريٽنگ سسٽم تي ڪم ڪندڙ فونز لاءِ پهرين نومبر کان واٽس ايپ سپورٽ ختم ڪئي ويندي.
واهپيدارن کي واٽس ايپ استعمال ڪرڻ جي لاءِ اينڊرائيڊ 4.1 يا ان کان مٿين آپريٽنگ سسٽم جي ضرورت پوندي.
هاڻي ڪهڙيون ڪهڙيون فونون 4.1 ورزن کان پهريون ڪم ڪري رهيون آهن پر اهو انگ لکن ڪروڙن ۾ ٿي سگهي ٿو.
اهو به ٻڌائيندا هلون ته پهرين نومبر تي پراڻي آءِ فون ۽ اينڊرائيڊ فونز وارا واٽس ايپ واهپيدار فوري طور تي ان سهولت کان محروم نه ٿيندا، انهن کي ڪجهه فيچرز استعمال ڪرڻ جي سهولت هوندي پر تنهن هوندي به اهي ڊيوائس کي واٽس ايپ ويب سان ڪنيڪٽ نه ڪري سگهندا.
اهڙي ريت ڪجهه وقت کانپوءِ اهي فون تي به واٽس ايپ استعمال ڪرڻ کان محروم بڻجي ويندا ۽ پنهنجي اڪائونٽن لاءِ انهن کي گهربل آپريٽنگ سسٽم جي ضرورت پوندي.