نابالغ شهرين کي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ گيمنگ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو

ٽيڪنالاجي جي هن جديد دور ۾ اڄڪلهه سڀ ڪو ڪمپيوٽر ۽ موبائل تي گهڻو وقت گذاري رهيو آهي، جنهن جا صحت تي به ناڪاري اثر پون ٿا.
ڏينهون ڏينهن نين سوشل ميڊيا ايپس ۽ گيمز جي انگ ۾ واڌ به اڄڪلهه نوجوانن، خاص طور تي ننڍي عمر وارن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ موبائل جي استعمال تي مجبور ڪري رهيو آهي.
ان سلسلي ۾ مختلف تحقيقون به سامهون اينديون رهيون آهن ته موبائل فون جو گهڻو استعمال صحت تي ناڪاري اثر ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هاڻ چين نابالغ شهرين کي روز هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ گيمنگ جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
چين ۾ گيمنگ جي شعبي جي ڪمپنين کي ان ڳالهه جو پابند بڻايو ويو آهي ته اهي نابالغ ٻارن کي هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ گيمنگ جي اجازت نه ڏين.
اها پابندي هر جمعي جي ڏينهن، ويڪ اينڊز ۽ موڪلن جي ڏينهن ۾ لاڳو هوندي.
چين جي سرڪاري اداري شنهوا موجب اها ڳالهه بيجنگ حڪومت جي نيشنل پريس اينڊ پبليڪيشن اداري طرفان نون ضابطن ۾ چئي وئي آهي، جنهن جو مقصد نوجوانن کي گيمنگ جو عادي ٿيڻ کان بچائڻ آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔