آمريڪي ڊرون حملي ۾ عام شهري به مُئا: طالبان ترجمان

ڪابل : افغان طالبان جي ترجمان چيو آهي ته ڪابل ۾ آمريڪي ڊورن حملي ۾ عام شهري به مارجي ويا.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن آمريڪا ڪابل ۾ هڪ ڊرون حملي ۾ داعش خراسان جي آپگهاتي بمبار کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، جڏهن ته فضائي حملي ۾ 6 ٻارن سميت 8 ڄڻن جي مارجڻ جا به اطلاع هئا.
ان ڏس ۾ آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته حملي ۾ عام شهرين جي مارجڻ جي حوالي سان جاچ ڪري رهيا آهيون.
پرڏيهي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد چيو آهي ته ڪابل ۾ آچر ڏينهن هڪ شڪي آپگهاتي بمبار کي وقت کان اڳ نشانو بڻائڻ لاءِ ڪيل آمريڪي ڊرون حملي ۾ عام شهري به مارجي ويا.
هن اهڙي حملي جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته آمريڪا ان حملي جو حڪم ڏيڻ کان اڳ طالبان کي اطلاع نه ڪيو هو.
ان کان اڳ به آمريڪا هڪ ڊرون حملي ۾ ڪابل ايئرپورٽ تي حملي جي رٿابندي ڪندڙ داعش خراسان جي دهشتگرد کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔