نيوزيلينڊ جو پاڪستان دورو، پي سي بي شوقينن کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

لاهور: پاڪستان خلاف ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز لاءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم 11 سيپٽمبر تي اسلام آباد پهچندي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ شوقينن کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي.
پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ 3 ون ڊي ميچون 17، 19 ۽ 21 سيپٽمبر تي کيڏيون وينديون، جڏهن ته 5 ٽي ٽوئنٽي ميچون 25، 26، 29 سيپٽمبر، پهرين ۽ ٽين آڪٽوبر تي کيڏيون وينديون.
ان حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ اعلان ڪيو آهي ته ڪمانڊ ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ون ڊي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز دوران 25 سيڪڙو تماشائين کي گرائونڊ اچڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
پڌرائيءَ موجب پنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ شيڊيول ٽنهي ون ڊي ميچن لاءِ ڪُل 4500، جڏهن ته قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ شيڊيول 5 ٽي ٽوئنٽي ميچن لاءِ ڪُل 5500 ويڪسينيٽڊ تماشائين کي اسٽيڊيم ۾ داخلا جي اجازت هوندي.
ان ڏس ۾ پي سي بي چيف ايگزيڪيوٽو وسيم خان جو چوڻ هو ته تماشائين کي راند جي ڪنهن به ايونٽ جو حقيقي اثاثو سمجهيو ويندو آهي، انهن جي محدود انگ ۾ اسٽيڊيم اچڻ سان به ايونٽ کي چار چنڊ لڳي ويندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔