خطرناڪ طوفان آمريڪي رياست لوئزيانا سان ٽڪرائجي ويو

واشنگٽن: ڪيٽيگري 4 جي شدت جو انتهائي خطرناڪ طوفان”آئيڊا“ آمريڪي رياست لوئزيانا سان ٽڪرائجي ويو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب طوفان آئيڊا جي اثر هيٺ لوئزيانا ۾ تيز برساتون شروع ٿي ويون آهن جنهن سبب ٻوڏ جي وارننگ جاري ڪئي وئي آهي. ميڊيا رپورٽن موجب طوفان آئيڊا سبب لڳندڙ تيز هوائن سبب ڪيترائي وڻ اکڙجي ويا ۽ وڻ ڪرڻ سبب هڪ ڄڻو فوت به ٿي ويو آهي.آمريڪي ميڊيا موجب طوفان سبب مسي سپي ۾ تقريبن 10 لک ماڻهو بجلي کان محروم ٿي ويا آهن. ان کان علاوه طوفان ائيڊا ڪيٽيگري 1 جي طوفان ۾ تبديل ٿي ويو آهي. جنهن سبب آمريڪي رياست ۾ 95 ميل في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون آهن.آمريڪي موسميات کاتي موجب طوفان آئيڊا لوئزيانا جي اترين علائقي طرف وڌي رهيو آهي جنهن کي نظر ۾ رکندي 3 شهرن ۾ ٻوڏ جو وڏو خطرو آهي. آمريڪي موسميات کاتي ان حوالي سان ٻڌايو آهي ته لوئزيانا جي شهر بيمنڊ ۾ تيز برساتون رڪارڊ ڪيون ويون آهن. جڏهن ته بيمنڊ ۾ تيز برساتن جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔