طالبان جي سپريم ليڊر ملا هيبت الله اخوندزاده جي نئين تصوير منظرعام تي اچي وئي

ڪابل: طالبان جي سپريم ليڊر ملا هيبت الله اخوندزاده جي نئين تصوير منظرعام تي اچي وئي، افغان ميڊيا موجب، ملا هيبت الله اخوندزاده جي نئين تصوير گذريل هفتي قنڌار جي هڪ لائبريبري مان ملي هئي، تصوير جي حوالي سان طالبان طرفان ڪنهن به قسم جو بيان سامهون نه آيو آهي، طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد پنهنجي هڪ بيان ۾ ٻڌايو هو ته ملا هيبت الله اخوندزاده قنڌار ۾ موجود آهي ۽ جلد منظرعام تي اچي ويندو، ٻئي طرف طالبان جي نائب ترجمان بلال ڪريمي به برطانوي خبر ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي چيو هو ته ملا هيبت الله اخوندزاده افغانستان ۾ ئي موجود آهي ۽ جلد عوام سامهون ايندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔