جڳ مشهور پيغام رسائيندڙ ايپليڪيشن واٽس ايپ ۾ آئي ڏينهن نت نوان فيچر متعارف ڪرايا ويندا آهن، هاڻي واهپيدارن سولائيءَ لاءِ جلد هڪ دلچسپ فيچر متعارف ڪرائڻ تي ڪم جاري آهي.
ويب سائيٽ واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، آءِ او ايس واهپيدارن لاءِ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويندو.
رپورٽ موجب، ان فيچر جو نالو” Status updates with close friends“ آهي، جنهن تحت واهپيدار پنهنجي اسٽيٽس پوسٽ ڪندي ويجهن دوستن جي لسٽ ٺاهي سگهندو ۽ پوءِ اِهو اسٽيٽس رڳو انهن کي ئي نظر ايندو.
ان کان اڳ انسٽاگرام تي ڪلوز فرينڊز لسٽ جي سهولت موجود هئي، جتي واهپيدار محدود ماڻهن کي چونڊي اسٽيٽس لڳائيندا هئا.
پر رپورٽ ۾ اِهو ناهي ٻڌايوويو ته هي فيچر ڪڏهن تائين عام واهپيدارن لاءِ هوندو، پر اميد ڪري سگهجي ٿي ته تمام جلد اِهو سموري دنيا ۾ متعارف ڪرايو ويندو.
