ڏيڍ سو سالن تائين جيئرو رهڻ بابت ڳالهيون وائرل

بيجنگ: غير ملڪي خابرو ايجنسي رائٽرز موجب، هڪ غير ارادي طور تي رڪارڊ ٿيل ڳالهه ٻولهه ۾ چين جي صدر شي جن پنگ ۽ روسي صدر پيوٽن ۾ پريڊ جي موقعي تي انسانن جي عضون جي پيوندڪاري ۽ عمر کي 150 سال تائين وڌائڻ جي امڪانن بابت ڳالهه ٻولهه وائرل ٿي وئي آهي. هي واقعو تڏهن پيش آيو جڏهن ولاديمير پيوٽن ۽ شي جن پنگ، اتر ڪوريا جي اڳواڻ ڪِم جونگ اُن سان گڏ، پرڏيهي اڳواڻن جي هڪ وفد جي اڳواڻي ڪندي فوجي پريڊ جو معائنو ڪرڻ لاءِ وڃي رهيو هو. هي ڳالهه ٻولهه چين جي سرڪاري نشرياتي اداري سي سي ٽي وي جي لائيو اسٽريمنگ ۾ نشر ٿي، جنهن کي ٻين ميڊيا ادارن سميت سي جي ٽي اين، ايسوسيئيٽيڊ پريس ۽ رائٽرز به حاصل ڪيو. چين جي ريڊيو ۽ ٽي وي ايڊمن موجب، هن ڪوريج کي آن لائن 1.9 ارب ڀيرا ڏٺو ويو، جڏهن ته 40 ڪروڙ کان وڌيڪ ناظرين ٽي وي تي لائيو ڏٺو. جڏهن پيوٽن ۽ شي اسٽيج ڏانهن وڌي رهيا هئا، ته پيوٽن جي مترجم کي چيني ٻوليءَ ۾ چوندي ٻڌو ويو: ”بايو ٽيڪنالاجي لڳاتار ترقي ڪري رهي آهي“. ان کان پوءِ مترجم وڌيڪ چيو: ”انساني عضون کي بار بار ٽرانسپلانٽ ڪري سگهجي ٿو، جيترو گهڻو اوهان زندهه رهندؤ، اوترو ئي جوان لڳندؤ، جيتوڻيڪ اوهان امر به ٿي سگهو ٿا“. ان تي شي جن پنگ، جيڪو ڪئمري ۾ نظر نه پئي آيو، جواب ڏنو: ”ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته هن صديءَ ۾ انسان 150 سال تائين زنده رهي سگهي ٿو“. ان دوران ڪِم جونگ اُن مُسڪرائيندي پيوٽن ۽ شي جن پنگ ڏانهن ڏسندو رهيو، پر اهو واضح نه ٿي سگهيو ته ڇا هن لاءِ گفتگو جو ترجمو ٿي رهيو هو يا نه.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔