اسلام آباد : پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي (پي ٽي اي) ملڪ کي خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ اسپيڪٽرم جي کوٽ جو شڪار قرار ڏنو آهي ۽ موبائل فون سروس جي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي جو مطالبو ڪيو آهي. پي ٽي اي دستاويزن موجب، پاڪستان ۾ موجود اسپيڪٽرم صرف 274 ميگا هرٽز آهي، جيڪو سعودي عرب، ٿائيلينڊ، بنگلاديش ۽ خطي جي ٻين ملڪن کان گهٽ آهي.رپورٽ موجب، پاڪستان هن وقت خطي جي 16 ملڪن ۾ اسپيڪٽرم جي فهرست ۾ سڀ کان هيٺ آهي، پر 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي کان پوءِ، اهو ڇهين نمبر تي پهچي سگهي ٿو.اسپيڪٽرم جي دستيابي سان معيشت تي مثبت اثر پوڻ جي اميد پڻ آهي، جنهن ۾ جي ڊي پي ۾ 1.5 کان 2.4 سيڪڙو واڌ، روزگار جي موقعن ۾ 3.1 کان 13 سيڪڙو واڌ، موبائل براڊ بينڊ ۾ 10 سيڪڙو واڌ ذريعي معيشت ۾ بهتري، پرڏيهي سڌي سيڙپڪاري ۾ 2 سيڪڙو واڌ ۽ برآمدات ۾ 1.9 سيڪڙو واڌ شامل آهن.پي ٽي اي واضح ڪيو آهي ته 5G اسپيڪٽرم جي نيلامي ملڪ ۾ موبائل ڊيٽا جي رفتار ۽ سروس جي معيار کي بهتر بڻائڻ لاءِ هڪ ضروري قدم آهي، جيڪو صارفين ۽ ملڪ جي معيشت ٻنهي لاءِ فائديمند هوندو.