ڪراچي ۾ قتل ٿيل اڳوڻي رينجرز اهلڪار جو وارداتن ۾ ملوث هئڻ جو انڪشاف

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي لياقت آباد جي سپر مارڪيٽ ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ مارجي ويل اڳوڻي رينجرز اهلڪار عرفان صديقي جي ڪيس ۾ اهم انڪشاف سامهون آيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول عرفان ساٿين سان گڏ ڦرلٽ جي وارداتن ۾ ملوث هو، عرفان جي ٻن ڦورو ساٿين کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ڪجهه مهينا اڳ لياقت آباد جي هڪ گهر مان 5 تولا سون ۽ روڪ رقم ڦر ڪئي وئي هئي، ان وقت مقتول عرفان جي ساٿي حمزه سان اختلاف به هلي رهيا هئا. پوليس موجب هڪ ڌاڙي جي واردات دوران گهربل سامان نه ملڻ تي عرفان حمزه کي هڪ هزار روپيا ڏنا هئا، هن ڳالهه تي حمزه، عرفان سان ناراض هو ۽ پوءِ هن عرفان کي قتل ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته فرار ٿيل حمزه جي تلاش جاري آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڪراچي جي علائقي لياقت آباد نمبر 4 ۾ واردات دوران مزاحمت تي فائرنگ جي نتيجي ۾ رينجرز جو اڳوڻو اهلڪار مارجي ويو هو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔