ڀارت ۾ هڪ ڀيرو وري ايٽمي مواد چوري، پاڪستان پاران جاچ جو مطالبو

ڪراچي: پاڪستان ڀارت ۾ ايٽمي مواد جي چوري جي تازه ترين واقعن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري جو چوڻ آهي ته ڀارت ۾ ٻن ماڻهن کي تابڪاري مواد ڪيليفورنيم رکڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي. هن چيو آهي ته ڪيليفورنيم سخت تابڪاري اثر رکڻ وارو زهريلو مواد آهي، ڀارت ۾ تابڪاري مواد جي چوري جو 4 مهينن ۾ هي ٽيون واقعو آهي، هلندڙ سال مئي ۽ جون ۾ به ڀارت ۾ لاڳيتون 6 ۽ 7 ڪلو يورينيم پڪڙيو ويو هو. پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان ڀارت ۾ تابڪاري مواد جي چوري جي جاچ جو مطالبو ڪري ٿو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔