آمريڪا پاڪستان کي 33 لک ڊالر ماليت جا نوادرات واپس ڪري ڇڏيا

ڪرچي: آمريڪا پاڪستان مان چورايل يا اسمگل ڪيل 33 لک ڊالر ماليت جا نوادرات واپس ڪري ڇڏيا آهن. 104 قيمتي نوادرات مين هٽن ڊسٽرڪٽ جي اٽارني سائي وينس جونيئر هڪ تريب ۾ پاڪستان کي واپس ڪيا، هن تقريب ۾ اسلامي جمهوريه پاڪستان جي قونصل جنرل عائشه علي ۽ آمريڪي هوم لينڊ سيڪيورٽري انويسٽي گيشنز (ايڇ ايس آءِ ) جي وقتي ڊپٽي اسپيشل ايجنٽ انچارج اسٽيفن لي شرڪت ڪئي. پاڪستان جي قونصل جنرل عائشه علي چوري ٿيل ثقافتي خزانن جي بازيابي جي ڪوششن تي مين هٽن ڊسٽرڪٽ اٽارني آفيس ۽ ڊيپارٽمنٽ آف هوم لينڊ سڪيورٽي جا ٿورا مڃيا. عائشه علي هن اميد جو اظهار به ڪيو ته جلد ئي هي نمونا پاڪستاني ميوزم ۾ ڏيکاريا ويندا.

واضح رهي ته هن نوادرات جي اسمگلنگ ۾ ڀارتي اسمگرل سڀاش ڪپور ۽ ان جا ساٿي ملوث آهن جن جي خلاف ايڇ ايس آءِ وڏي عرصي کان جاچ ڪئي ۽ پاڪستان سوڌو ڪيترن ئي ملڪن مان چوري ڪري آمريڪا اسمگل ڪيل نوادرات برآمد ڪيا.
2011 کان 2020 تائين مين هٽن ڊي اي آفيس ۽ ايڇ ايس آءِ ڪپور ۽ ان جي نيٽ ورڪ جي ذريعي اسمگل ٿيل 2500 کان وڌيڪ شيون بر آمد ڪيون جن جي ڪل ماليت 143 ملين ڊالر کان وڌيڪ آهي. سڀاش ڪپور هن وقت ڀارت جي رياست تام ناڊو ۾ قيد آهي ۽ ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي. مين هٽن ڊسٽرڪٽ آفيس گذريل سال نومبر ۾ به پاڪستان کي 45 نوادرات واپس ڪيا جيڪي 2015 ۾ معروف اسمگلر نايف همسي کان برآمد ٿيا هئا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔