ڪابل ۾ طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ عالمي بينڪ افغانستان جي امداد بند ڪري ڇڏي

واشنگٽن: ڪابل ۾ طالبان جي ڪنٽرول کان پوءِ ورلڊ بينڪ افغانستان جي لاءِ سمورن منصوبن جي فنڊنگ روڪي ڇڏي آهي.

اداري طرفان خدشن جو اظهار ڪيو ويو آهي ته ڏسڻو پوندو ته ڪهڙي طرح طالبان جو قبضو ملڪ جي ترقي جي امڪانن تي اثر انداز ٿيندو. خاص طور تي عورتن جي لاءِ. اهو قدم عالمي مالياتي فنڊ(آءِ ايم ايف) طرفان افغانستان کي ادائيگيون معطل ڪرڻ جي ڪجهه ڏينهن کان پوءِ سامهون آيو آهي. آمريڪي صدر جوبائيڊن جي انتظاميه طرفان به افغانستان جي مرڪزي بينڪ جا اثاثا منجمد ڪيا ويا آهن جيڪي آمريڪا ۾ موجود آهن. عالمي بينڪ جي ترجمان جو چوڻ هو ته انهن افغانستان جي امداد کي روڪي ڇڏيو آهي ۽ پنهنجي اندروني پاليسين ۽ طريقيڪار موجب صورتحال جي نگراني ۽ جائزو ورتو پيو وڃي. هن جو چوڻ هو ته تازي صورتحال تي عالمي برادري ۽ ترقياتي ادان سان مڪمل رابطي ۾ آهيون ۽ پنهنجي ڀائيوارن سان ملي اسان اهڙن منصوبن ۽ طريقيڪارن جي ڳولا ڪري رهيا آهيون جنهن سان افغانستان جي حمايت ۽ ترقياتي پروگرام جاري رکنداسين.

واضح رهي ته افغانستان ۾ ورلڊ بينڪ جا ٻه درجن کان وڌيڪ ترقياتي منصوبا جاري هئا. 2002 کان پوءِ کان واشنگٽن ۾ قائم مالياتي اداري افغانستان ۾ نئين سر تعمير ۽ ترقياتي منصوبن جي لاءِ 5.3 بلين ڊالر جي امدادي پيڪيج  شروع ڪيا آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔