سمارٽ لاڪ ڊائون تي اسان جو مذاق اڏايو ويو، هاڻ سموري دنيا ان تي عمل ڪري رهي آهي: عمران خان

شيخوپوره: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سمارٽ لاڪ ڊائون تي اسان جو مذاق اڏايو ويو  پر هاڻ ان پاليسي تي سموري دنيا عمل ڪري رهي آهي.

رپورٽ موجب شيخوپوره ۾ رکهه جهوڪ سمارٽ ٻيلي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته مان ملڪ ۾ پاڻ  ٻيلن کي تباهه ٿيندي ڏٺو آهي. پاڪستان مان جيئن جيئن ٻيلن جو خاتمو ٿيو جانور به غائب ٿيندا ويا. عالمي جدت پاڪستان کي تمام گهڻو متاثر ڪري رهي آهي. اسان جا گليشيئرز تيزي سان ختم ٿي رهيا آهن. اسان سيوريج جو پاڻي دريائن ۾ وجهي رهيا آهيون. لاهور ۾ آلودگي ۽ سيوريج جي سنگين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. هن شهر کي تباهه ڪيو ويو. لاهور ۾ مٺو پاڻي هو، ماڻهو نلڪن جو پاڻي پيئندا هئا، لاهور ۾ ماحولياتي تبديلي سان پاڻي جو ليول هيٺ وڃي رهيو آهي.

وزيراعظم چيو ته اسان جو پنهنجي ملڪ کي سرسبز ڪرڻ جو ارادو آهي ۽ پنهنجي نسلن جي لاءِ بهتر پاڪستان ڇڏڻو آهي. اسان پنهنجي 3 سالن دوران هڪ ارب کان وڌيڪ ٻوٽا لڳايا. اسان کي هاڻ 10 ڪروڙ وڻ پوکڻا آهن. وڻ پوکڻ سان ماحوليات ۾ بهتري ايندي. پهريون ڀيرو منصوبه بندي ڪري رکهه جهوڪ ٻيلي ۾ هڪ ڪروڙ وڻ لڳائينداسين. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون تي اسان جو مذاق اڏايو ويو. پر سموري دنيا ڪورونا بابت اسان جي قدمن جي تعريف ڪئي. سمارٽ لاڪ ڊائون جي پاليسي تي هاڻ سموري دنيا عمل ڪري رهي آهي. سمارٽ فوريسٽ جي مثال به سموري پاڪستان ۾ ڏني پئي وڃي.

وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ 10 ڊيمز تعمير ٿيندا. راوي درياءَ تي 3 نوان بيراج ٺاهينداسين. راوي درياءَ تي بيراج ٺاهڻ سان زمين اندر پاڻي جي سطح بلند ٿيندي. راوي پراجيڪيت لاهور جي لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. پنجاب اسپيڊ شهباز شريف به ان منصوبي کي نه ٺاهي  سگهيو. ماڻهن منصوبي جي خلاف اسٽي آرڊر وٺي ڇڏيا. راوي پراجيڪٽ کي مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪابه رنڊڪ نه اچڻ گهرجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔