پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ گهڻيون قربانيون ڏنيون، افغانستان ۾ امن چاهيون ٿا: شيخ رشيد

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن، اسان آمريڪي اتحادي هجڻ جي وڏي قيمت ادا ڪري چڪا آهيون.

صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان افغانستان جي ڪنهن معاملي ۾ مداخلت نه پيو ڪري. اسان صرف افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون. پاڪستان مٿان افغان شهرين جو ڪوبه دٻاءُ نه آهي. افغانستان جو مسئلو افغان عوام جو مسئلو آهي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته اسان طورخم تائين ماڻهن کي حفاظت سان آڻي سگهون ٿا پر افغانستان جي ذميواري اسان جي نه آهي. پاڪستان افغانستان ۾ بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.

هن چيو ته افغانستان جي زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهي آهي پر هاڻ طالبان يقين ڏياريو آهي ته افغانستان جي زمين ڪنهن به ملڪ جي خلاف استعمال نه ٿيندي جڏهن ته عمران خان ڪجهه ڏينهن ۾ افغانستان جي صورتحال تي خطاب ڪندا. گهرو وزير شيخ رشيد ڀارت مٿان سخت تنقيد ڪندي چيو ته ڀارت کي افغانستان ۾ شڪست ملندي. افغانستان ۾ تبديلي سان ڀارت ۾ ماتم ٿي رهيو آهي. ان جو سموري دنيا کي احساس آهي. افغانستان جي زمين پاڪستان جي خلاف استعمال ٿي رهي هئي.

چين جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته پاڪستان جي چين سان دوستي  هماليه کان وڏي آهي. سي پيڪ جي 40 ڪمپنين کي پاڪستاني سيڪيورٽي ادارن جو تحفظ حاصل آهي. جڏهن ته ٻين 100 کان وڌيڪ ڪمپنين  جي به سيڪيورٽي مضبوط ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهيون.اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي بابت گهرو وزير ٻڌايو ته 8 ڊرون خريد ڪيا آهن. جڏهن ته هڪ هزار 92 ڪيمرا لڳايا پيا وڃن

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔