سنڌ ۾ ڌاڙيلن سوڌو اغوا وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين جي ويجهو پهچي ويا آهيون: آءِ جي سنڌ

ڪراچي : سنڌ ۾ ڌاڙيلن سوڌو اغوا وارداتن ۾ ملوث ڏوهارين جي ويجهو پهچي ويا آهيون، جلد کين گرفتار ڪيو ويندو، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي بريفنگ ڏني وئي، ڪراچي پوليس چيف طرفان شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم 30 سيڪڙو گهٽجڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آھي، وڏي وزير مراد علي شاهه اسٽريٽ ڪرائيم تي مڪمل ڪنٽرول ۽ صوبي کي منشيات کان پاڪ ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته 2 پوليس اهلڪار شارٽ ٽرم اغوا ۾ ملوث هئا، کين مثالي ۽ عبرتناڪ سزائون ڏنيون وڃن، ڪجهه پوليس آفيسرز برطرف ٿيل اهلڪارن کي پنهنجي آفيس ۾ رکندا آهن، اِن تي به نظر رکي ڪارروائي وڃي، مراد علي شاهه، ڊي آءِ جي حيدرآباد سان مخاطب ٿيندي چيو ته هالي روڊ، حسين آباد ۽ ڪوٽڙي پوليس جي حدن ۾ منشيات خلاف ڪابه ڪارورائي ناهي ٿي، اُنهن علائقن جي پوليس کي وارننگز جاري ڪيون وڃن..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔