لاهور ۾ رڪشا ڊرائيور جي عورت سان سندس ڌيءُ سامهون جنسي ڏاڍائي

لاهور: لاهور ۾ رنگ روڊ طرز جو هڪ ٻيو دردناڪ واقعو پيش آيو آهي، جنهن ۾ رڪشا ڊرائيور مبينه طور عورت کي پنهنجي ڌيءَ جي سامهون جنسي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو. وهاڙي جي رهواسي 35 ورهين جي ارشاد بي بي، پنهنجي 15 سالن جي ڌيءَ سان گڏ مسافر گاڏي مان لٿي، ارشاد بي بي پنهنجي ڌيءَ سان گڏ لاهور جي صدر ڪينٽ واري علائقي مان هڪ رڪشا ۾ ويٺي. رڪشا ڊرائيور عورت ۽ سندس ڌيءَ کي گهمائي ڦيرائي ايل ڊي اي ايونيو اندر وٺي ويو، جتي هن عورت سان سندس ڌيءَ سامهون جنسي ڏاڍائي ڪري فرار ٿي ويو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔