لاھور: مريم نواز جي پُٽ جنيد صفدر لانئون لڌيون

لاھور: نواز ليگ جي مرڪزي نائب صدر مريم نواز جي پُٽ جنيد صفدر لانئون لڌيون، مريم نواز لنڊن ۾ پُٽ جي نڪاح جي تقريب دوران وڊيو لنڪ ذريعي موجود هئي، نڪاح جي موقعي تي جاتي امراء ۾ مريم نواز جي گهر کي به مرچڙن سان سينگاريو ويو، مريم نواز پُٽ جي نڪاح جون تصويرون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏيون، پُٽ ۽ ننهن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار،  لنڊن ۾ مريم نواز جي پُٽ جي تقريب دوران پي ٽي آءِ جي حامين جو احتجاج، هوٽل ٻاهران پي ٽي آءِ ۽ ليگي ڪارڪنن ۾ منهن ماري، پوليس پهچي جهيڙو ٽاري ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔