ڀارت ۽ افغانستان جي بهتر لاڳاپن تي اعتراض نه آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته اسان کي ڀارت ۽ افغانستان سان بهتر لاڳاپن تي ڪوبه اعتراض نه آهي ۽ اسان جو افغانستان ۾ ڪنهن به هڪ گروپ تي فوڪس نه آهي، افغانستان جي موجوده صورتحال تي جاري بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارتي ميڊيا منهنجي ڪابل وڃڻ جو واويلا ڪيو ۽ غير ذميدارانه ڳالهيون ڪيون. جڏهن ته ڀارتي ميڊيا کي اهڙي ڳالهه کان اڳ تصديق ڪرڻ گهرجي. مان ڪابل ناهيان ويو پر پاڪستان ۾ ئي اهم اجلاسن ۾ شرڪت ڪري رهيو آهيان. 

هن چيو ته ڪالهه يورپي يونين جي پرڏيهي معاملن جي سربراهه سان ڳالهيون ٿيون. جنهن ۾ هن ڪابل ۾ پاڪستان جي مدد کان آگاهه ڪيو. ان کان علاوه تاجڪستان، ازبڪستان، ترڪمانستان ۽ ايران ويندس جڏهن ته چين سان اسان جون ڳالهيون ٿي چڪيون آهن. پرڏيهي وزير چيو ته افغانستان ۾ مختلف قومون رهن ٿيون. اتي پشتون ۽ ٻيا ماڻهو به آهن.

افغانستان ۾ جيڪا حڪومت سامهون ايندي اها ڊگهن بنيادن ۽ اجتماعت جي حامل هوندي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ۽ خطي جا پاڙيسري ملڪ افغانستان ۾ امن چاهين ٿا پر افغانستان ۾ امن مخالف طاقتون اسپائيلرز اڄ به متحرڪ آهن. هندستان کي پنهنجي محدود سوچ ختم ڪرڻي پوندي. اسان کي ڀارت ۽ افغانستان جي بهتر لاڳاپن تي ڪوبه اعتراض ناهي. اسان جو افغانستان ۾ فوڪس ڪنهن هڪ گروپ تي نه آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔