سنڌ ۾ نجي اسڪول 30 آگسٽ تي کولڻ تي اتفاق

ڪراچي : سنڌ سرڪار ۽ نجي اسڪولز ائسوسيئيشن وچ ۾ ڳالھيون، نجي اسڪولز 30 آگسٽ تي کولڻ واري فيصلي تي اتفاق ڪيو ويو،  تعليم واري وزير سردار شاهه ۽ نجي اسڪولز ائسوسيئيشن وچ ۾ ڳالهين دوران نجي اسڪولز 30 آگسٽ تي کولڻ واري فيصلي تي اتفاق ڪيو ويو آھي، نجي اسڪولز جي انتظاميا لاءِ اسڪول کولڻ کان اڳ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ جمع ڪرائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آھي، ان سلسلي ۾ صوبائي وزير سردار شاهه چيو آهي ته جِن اسڪولز ۾ استادن سئو سيڪڙو ويڪسينيشن ڪرائي ڇڏي آهي، اُهي اسڪولز کُلي سگهن ٿا، تعليمي ادارا کولڻ يا نه کولڻ جو فيصلو جمعي تي اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔