سکر: ماڻهن کي بليڪ ميل ڪندڙجعلي آفيسر ريمانڊ تي نيب حوالي

سکر: نيب سکر هٿان لاهور مان گرفتار ڪيل نيب جي جعلي آفيسر کي احتساب عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو. نيب عدالت کي درخواست ڪئي ته جوابدار کان جاچ ڪرڻي آهي، ٻن هفتن جو ريمانڊ ڏنو وڃي، عدالت نيب جي درخواست جوابدارن کي ٻن هفتن لاءِ جسماني ريمانڊ تي نيب حوالي ڪري ڇڏيو.عدالت نيب کي حڪم ڏنو ته جوابدار کي 3 سيپٽمبر تائين ٻيهر عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔