ٻه ڀيرا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيل اعجاز جکراڻي جا ايس ايس پي جيڪب آباد سان فوٽو وائرل

جيڪب آباد: نيب حملي ڪيس ۾ عدالت پاران صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جا ٻه ڀيرا گرفتاري کان اڳ جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ باوجود ايس ايس پي جيڪب آباد سان سوشل ميڊيا تي فوٽو وائرل ٿي ويا. نيب حملي ڪيس ۾ فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ امتياز حسين لاکير جي عدالت صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي سندس پٽ رافع جکراڻي جا ٻه ڀيرا ضمانت جوڳا گرفتاري جا وارنٽ جاري ڪندي عدالت 30 آگسٽ تائين ڊي ايس پي سٽي کي نوٽيس تعميل ڪرڻ لاءِ حڪم جاري ڪيا هئا. عدالت جي ٻه ڀيرا گرفتاري کان اڳ ضمانت جوڳا وارنٽ باوجود به ايس ايس پي شمائل رياض ملڪ ڏھين محرم تي صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي کي بريفنگ ڏني. صوبائي صلاحڪار اعجاز حسين جکراڻي جي پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي ايس ايس پي شمائل رياض ۽ ڊي سي ڊاڪٽر حفيظ احمد سيال کان ڏھين محرم الحرام جي حوالي بريفنگ وٺندي فوٽو وائرل ٿيا. نيب حملي ڪيس ۾ سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت 7 آگسٽ تي 15 جوابدارن جا ضمانت جي لاءِ داخل درخواست رد ڪئي هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔