سنڌ ۾ سومر تي تعليمي ادارا نه کولڻ جا امڪان

ڪراچي: سنڌ ۾ سومر تي تعليمي ادارا نه کولڻ جا امڪان آهن، سنڌ صحت کاتي صوبي ۾ اسڪول نه کولڻ جي تجويزون وڏي وزير مراد علي شاهه آڏو پيش ڪري ڇڏيون، ذريعن موجب صحت کاتي خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ايس او پيز تي عمل نه ٿيڻ سبب ڪورونا وڌي سگهي ٿو.

ذريعن موجب صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ تعليم کاتي جي ورڪنگ ڪميٽي جو اجلاس 22 آگسٽ تي طلب ڪيو ويو آهي جنهن ۾ اسڪولز کولڻ جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويندو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔