مينار پاڪستان واقعو: ڇوڪريءَ کي هراسان ڪرڻ جي الزام هيٺ 20 شڪي گرفتار

لاهور: لاهور جي مينار پاڪستان تي سوين ماڻهن پاران هڪ ڇوڪريءَ کي هراسان ڪرڻ جي سلسلي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پنجاب حڪومت موجب آءِ جي پنجاب گرفتارين جي حوالي سان پنجاب جي وڏي وزير کي بريفنگ ڏني آهي. ياد رهي ته 14 آگسٽ ، پاڪستان جي آزادي واري ڏينهن تي لاهور ۾ پيش آيل ان واقعي جي وائرل ويڊيو ۾ واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو ته ڪيئن ٽن کان چار سئو ماڻهن جي هڪ ميڙ هڪ ڇوڪريءَ تي حملو ڪيو ۽ کيس هراسان ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔