امريڪي فوجي 31 آگسٽ کانپوءِ به افغانستان ۾ رهي سگهن ٿا: جوبائيڊن

ڪراچي: آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آھي تھ ٻن ڏهاڪن جِي جنگ کانپوءِ افغانستان مان نڪرڻ وقت افراتفري ته ٿيڻي هئي، امريڪي صدر جو بائيڊن چيو آهي ته سمجهه ۾ نٿو اچي ته افراتفري بنا امريڪي فوج جي واپسي ڪيئن ممڪن هئي؟، امريڪي ٽي وي کي انٽر ويو ۾ چيو ته امريڪا ۽ اتحادين جي واپسي ۾ طالبان جو سهڪار حاصل آهي، امريڪي شهرين جي واپسي مڪمل ٿيڻ تائين امريڪي فوجي 31 آگسٽ کانپوءِ به افغانستان ۾ رهي سگهن ٿا.آمريڪي ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ جوبائيڊن چيو تھ ٻن ڏھاڪن جي جنگ بعد افغانستان مان نڪرڻ وقت افراتفري تھ ٿيڻي ئي ھئي، سمجھ ۾ نٿو اچي تھ افراتفري کانسواءِ نڪرڻ ڪيئن ممڪن ھو، آمريڪين ۽ اتحادين جي نڪرڻ ۾ طالبان جو سھڪار حاصل آھي، جڏھن تھ اُتي ڪيترائي سفارتخانا بند ٿي ويا آھن، آمريڪي شھري بھ نڪري آيا پر جن اسان جي مدد ڪئي انھن کي اُتان کان ڪڍڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔