سنڌ جي سامونڊي حدن ۾ هڪ ٻيو ٻيڙو گرائونڊ ٿيڻ جو خدشو

ڪراچي: ڪيٽي بندر کان سمنڊ ۾ 15 ناٽيڪل ميل اندرھڪ ٻيو ٻيڙو خراب، جھاز کي ڪراچي آڻڻ جون ڪوششون تيز، ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي طرفان ٻيڙي جي عملي کي امداد فراھم ڪئي پئي وڃي، ترجمان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جو چوڻ آهي ته 9 آگسٽ تي ايل اين جي ٽينڪر گيس يوڊلا بابت اطلاع مليو، جنھن ۾ 17 رڪني عملو سوار ھو، ٻيڙو 15 ڪيٽي بندر کان 15 ناٽيڪل ميل پري لنگر انداز ٿيو، ترجمان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي موجب مشينري خراب ٿيڻ سبب جھاز ھلڻ کان قاصر ٿي ويو، ٻيڙو پنھنجي ٻن اينڪرن مان ھڪ اينڪر وڃائي ويٺو ترجمان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جو چوڻ آهي ته پي ايم ايس اي الخليل ٿري جو انتظام ڪيو، جنھن ذريعي ٻيڙي کي ٽوچن ڪرڻوھو،ٻيڙي کي ٽوچن ڪرڻ سان لنگر تي وزن پيو ۽ ٻيڙي جو ٻيو لنگر به ضايع ٿي ويو، ترجمان موجب ٻيڙي کي نوٽ انڊر ڪمانڊ قرار ڏنو ويو، ڪوشش آھي ته ٻيڙي کي گھري پاڻي ۾ ڌڪي سگھجي ته جيئن ٻيڙو گرائونڊ ٿيڻ کان بچي سگھجي، ترجمان ميري ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي موجب ٻيڙو نگراني ھيٺ آھي ته جيئن ان کي ڪراچي آڻي سگھجي، پي ايم ايس اي عملي کي مدد ۽ امداد فراھم ڪئي آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔