چيف جسٽس احمد علي شيخ کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جهڙيون حالتون نه هيون: يوسف لغاري

ڪراچي: سينيئر قانوندان يوسف لغاري چيو آھي تھ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس جي جاءِ تي جونيئر جج کي سپريم ڪورٽ ۾ مقرر ڪرڻ لاءِ سينيئارٽي جي اصول کي ختم ڪيو ويو، چيف جسٽس احمد علي شيخ کي ايڊهاڪ جج مقرر ڪرڻ جهڙيون به حالتون نه هيون، سينيئر قانوندان يوسف لغاري نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس احمد علي شيخ کي سپريم ڪورٽ ۾ جج مقرر ڪرڻ لاءِ گهڻو عرصو اڳ طئه ٿيل هو، اوچتو وري جونيئر جج، جسٽس محمد علي مظهر کي سندس جاءِ تي جج مقرر ڪيو ويو، اصولي طور عدالتي ڪميشن جو چيئرمين ووٽ نه وجهندو آهي، پر جسٽس محمد علي مظهر جي مقرري لاءِ جڊيشل ڪميشن جي چيئرمين به ووٽ ڪاسٽ ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔