عوام عمران خان جي سياست ۽ تبديلي کي سڃاڻي چڪو آهي:بلاول ڀٽو

ڪراچي: سوچڻ گهرجي ته ملڪ جي مستقبل لاءِ ڪهڙو دڳ اختيار ڪرڻو آهي، عوام عمران خان جي سياست ۽ تبديلي کي سڃاڻي چڪو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آزادي جي ڏينهن جي موقعي تي سوچڻو پوندو ته عمران خان جون ناڪام پاليسيز جاري رکڻيون آهن يا عوام کي بهتر مسقبل وارو پاڪستان ڏيڻو آهي، پُرامن ۽ مستحڪم پاڪستان لاءِ شهيد ذوالفقار ڀٽو جي نظرئي تي هلڻو پوندو، عوام کي اهڙو ملڪ ڏيڻو آهي، جيڪو انصاف ۽ جمهوري اصولن تي ٻڌل هجي، عمران خان جي نفرت ۽ انتقامن واري سياست کي هٿي نٿي ڏئي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔