وزيران ڇڇر قتل ڪيس: سنڌهاءِ ڪورٽ پاران 3جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد

ڪوٽڙي؛ سنڌهاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ وزيران ڇڇر قتل ڪيس ۾ 3جوابدارن جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي، عدالت وزيران ڇڇر جي مڙس علي بخش، ڏير ڪريم بخش ۽ غلام قادر ڇڇر جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي. وزيران ڇڇر ڪيس جي ٻين پنجن جوابدارن جي سيوهڻ جي عدالت پاران ڪيس مان نالو خارج ڪرڻ خلاف هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل آهي جنهن جي 30آگسٽ تي ٻڌڻي ٿيندي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔