ريپ ڪيسن جي جاچ لاءِ ڪهڙيون گائيڊ لائينز هونديون؟؟ عدالت جو لکت ۾ فيصلو جاري

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ ريپ ڪيسن ۾ گائيڊ لائنز جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت پاران سمورين ضلعي ۽ دهشتگردي ٽوڙ عدالتن کي ريپ ڪيسز بابت ايس او پيز کان آگاهي ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. گائيڊ لائنز موجب ميڊيڪل ڪرڻ کان اڳ متاثر عورت کي ڪپڙا ناهن ڌوئڻا ۽ نه ئي وهنجڻو آهي، ان کي يقيني بڻائڻ جي ذميواري پوليس جي آهي، ريپ ڪيس جي متاثره عورت کان ڊي اين اي جا نمونا عورت ڊاڪٽر ئي حاصل ڪري سگهي ٿي، ريپ ڪيس جو ڪيس فوري داخل ڪري ڊاڪٽر کي آگاه ڪيو وڃي، ڊي اين اي جا نمونا 24 ڪلاڪن اندر ليبارٽري ۾ پهچائڻا پوندا، عدالت چيو ته ذميوار پوليس آفيسر فوري طور تي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪندو ۽ فرانزڪ ٽيم جو بندوبست ڪندو، واقعي واري هنڌ کي فوري طور سيل ڪيو ويندو، اطلاع ملڻ تي ، لاڳاپيل آفيسر فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي، چالان ۽ ڊي اين اي رپورٽ گڏ عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي هدايت، ڊي اين اي نموني لاءِ متاثر کي انتظار ڪرائڻ جي ضرورت ناهي، ڊي اين اي حاصل ڪرڻ لاءِ سواب، فنگر پرنٽس ، ڏند ، رت ۽ پگهر جا نمونا حاصل ڪيا ويندا، شاهديون گڏ ڪرڻ وقت کنگهڻ، ڳالهائڻ ۽ نڇڻ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. ياد رهي ته ريپ جو شڪار ناري ڪائنات سومرو توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي عدالت فيصلو ڏنو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔