طالبان جو افغانستان جي اهم ترين شهر قنڌار ۽ هلمند تي به قبضو

ڪابل : طالبان افغانستان جي ٻئي اهم ترين شهر قنڌار ۽ هلمند تي قبضوڪري ورتو، پرڏيهي ميڊيا موجب غزني ۽ هرات مڪمل طور تي طالبان جي ڪنٽرول ۾ آهن، طالبان جي قبضي ۾ هن وقت 12صوبا آهن،ميڊيا رپورٽس موجب طالبان طرفان پيش قدمي تيزي سان ڪابل طرف جاري آهي ۽ طالبان ڪابل کان رڳو 130 ڪلوميٽر پري آهن، امريڪي انٽيليجنس خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ڪابل تي طالبان جو قبضو رڳو ٽن مهينن جي ڪهاڻي آهي، ٻئي طرف حملو روڪڻ لاءِ افغان حڪومت طالبان کي اقتدار ۾ ڀائيواري جي به آڇ ڪري چڪي آهي. ٻئي پاسي امريڪا ۽ برطانيا افغانستان ۾ پنهنجي سفارتي عملي ۽ رهندڙ شهرين کي ڪڍڻ لاءِ فوجون موڪلڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، امريڪي بچاءَ واري وزارت طرفان افغانستان ۾ 3هزار فوجين جي مقرري جي تصديق ڪندي چيو آهي ته امريڪي 24 کان 48ڪلاڪن اندر ڪابل حامد ڪرزئي ايئرپورٽ تي ذميواري سنڀاليندي، جڏهن ته برطانيا 6سئو فوجي افغانستان ۾ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔