ايندڙعام چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين سان ڪرايون وينديون،جعلي ووٽن جو سلسلو ختم ڪبو: عمران خان

اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته چونڊن ۾ فراڊ جو حل ٽيڪنالوجي آهي، ايندڙ عام چونڊون ٽيڪنالوجي سان ڪرايون وينديون، اُن سان جعلي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جو سلسلو ختم ٿي ويندو ۽ سڀ نتيجا قبول ڪندا، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان جو چوڻ هو ته اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين کي نادرا جي ڊيٽا سان ڳنڍيو ويندو، هاڻي 21هين صديءَ جون عام چونڊون ڪرايون وينديون، وزيراعظم عمران خان چيو ته ملڪ ۾ 33 لک افغان پناهگير رهن ٿا، افغان پناهگيرن کانسواءِ ٻيا به ڪيترائي پرڏيهي رجسٽرڊ ٿيل نه آهن، ايليئن ڪارڊ ٺهڻ سان اُهي ڌارا ۾ اچي ويندا ۽ غيرقانوني ڪمن کان بچي سگهندا.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔