ٽوئيٽر ويب سائيٽ ۾ وڏي تبديلي ڪري ڇڏي

جيڪڏهن سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر اوهان کي ڪجهه مٽيل مٽيل نظر اچي رهيو آهي ۽ تبديلي سمجهه ۾ نٿي اچي ته پوءِ اهو اوهان جي اکين جو دوکو آهي.
ڪمپني موجب ان نئين ڊزائين ۾ هڪ نئون فونٽ، هائر ڪنٽراسٽ ڪلرز جي واڌ سان گڏوگڏ اکين جي لاءِ ان کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويو آهي.
ڪمپني موجب چاڻايل تبديلين جو مقصد ماڻهن لاءِ اسڪرولنگ کي وڌيڪ سولو بڻائڻ آهي.
ٽوئيٽر ڊزائين طرفان ڪيل ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ”ٿي سگھي ٿو ته پهريان ته اهو ڪجهه عجيب لڳي، پر اهي اپ ڊيٽس اسان کي وڌيڪ پهچ، منفرد ۽ اوهان کي پنهنجي ڳالهه تي وڌيڪ ڌيان ڏيارڻ ۾ مدد فراهم ڪنديون.
ٽوئيٽر موجب هنن پهريون ڀيرو پنهنجو فونٽ پاڻ تيار ڪيو آهي جنهن کي ”چرپ chirp“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
ٽوئيٽر وڌيڪ ٻڌايو ته سمورين ويسٽرن ٻولين جو ٽيڪسٽ ليفٽ الائن هوندو، ان تبديلي سان واهپيدارن لاءِ سائيٽ تي اسڪرولنگ دوران لکت کي سولائي سان پڙهڻ ۾ مدد ملندي.
ان تبديلي کي ڪجهه ٽوئيٽر واهپيدارن گھڻُو پسند ناهي ڪيو ۽ هنن نئين فونٽ کي ”بدصورت“ قرار ڏنو آهي.
سائيٽ جي رنگن ۾ به بلو کي گھٽائي ڪنٽراسٽ وڌايو ويو آهي ته جيئن تصويرون ۽ وڊيوز وڌيڪ نمايان نظر اينديون.
اهڙيءَ طرح گري بيڪ گرائونڊ کي به گھٽايو ويو آهي ۽ اسپيس کي وڌايوويو آهي ته جيئن ٽيڪسٽ کي پڙهڻ سولو ٿي سگھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔