پاڪستان ٺهي ايترو عرصو گذري ويو، اسان ڌاڙيلن مان جان ڇڏائي نه سگهيا آهيون: چيف جسٽس

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس گلزار احمد رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جَي قيام کي ايترو عرصو گذري ويو پر اسان اڃا تائين ڌاڙيلن مان جند آجي نه ڪرائي سگهيا آهيون، خط ”بابو“ لکندا آهن، پوليس جو ڪم ڪارروائي ڪرڻ آهي. رحيم يار خان مندر حملي ڪيس ۾ پنجاب جَي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته ڪچي جو علائقو سنڌ سان به لڳي ٿو، جنهن تي چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٻنهي طرفن کان گڏيل ڪارروائي ڪجي ته ڪم ڇو نه ٿيندو، عدالت رحيم يار خان جي ڪچي وارو علائقو ڌاڙيلن کان خالي ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔