پاڪستان پاران افغانستان ۾ ڦاٿل صحافين لاءِ ويزا ۾ نرمي جو اعلان

اسلام آباد: پاڪستان جي حڪومت افغانستان ۾ ڦاٿل صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز لاءِ ويزا پاليسي ۾ نرمي جو اعلان ڪيو آھي.گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته بين الاقوامي صحافي ۽ ميڊيا ورڪر جيڪي افغانستان ذريعي پاڪستان جي رستي افغانستان ڇڏڻ چاهين ٿا انهن کي اپيل آهي ته ويزا لاءِ درخواست ڏين. گهرو وزارت درخواست ڏيندڙ بين الاقوامي صحافين ۽ ڪارڪنن کي ترجيحي بنيادن تي ويزا جاري ڪندي. گهرو وزير چيو ته ويزا نرمي جو اعلان پاڪستان حڪومت پاران ڪيو پيو وڃي ته جيئن افغانستان ۾ ڪم ڪندڙ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز جي حفاظت کي نظر ۾ رکي سگهجي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔