سنڌ يونيورسٽي پاران ڪاليج سائيڊ جي امتحاني فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو

حيدرآباد: سنڌ يونيورسٽي پاران ڪاليج سائيڊ جي امتحانن لاءِ فارم ڀرائڻ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، فارم ڀرائڻ جي فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو ڪيو ويو آهي. ليٽ في سان فارم ڀريندڙن کي 3 هزار رپيا اضافي رقم ادا ڪرڻي پوندي. فريش ۽ ناپاس اميدوارن جي فارم ڀرائڻ جي في ۾ اضافي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪندي چيو ويو آهي ته فارم بنا ليٽ في جي 16 آگسٽ کان 15 سيپٽمبر 2021ع تائين ورتا ويندا. 3 هزار رپيا ليٽ في سان فارم 16 کان 30 سيپٽمبر تائين وصول ٿيندا. بي اي (پاس) پارٽ ٽو (ايڪسٽرنل) جا فريش اميدوار 15 هزار رپيا في ڀريندا، گذريل سال انهن اميدوارن کان 9 هزار 550 رپيا في ورتي وئي هئي. بي ڪام (پاس) پارٽ ٽو جي فريش اميدوارن لاءِ 11 هزار 300 رپيا في مقرر، اڳ ۾ انهن اميدوارن کان 6 هزار 600 رپيا في ورتي وئي هئي.ايم اي (فائنل) ايڪسٽرنل جا فريش اميدوار 18 هزار 50 رپيا في ڏيندا، اڳي اها في 12 هزار رپيا مقرر ٿيل هئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔