جيل جي زمين تي قبضا ڪيئن ٿا؟ اڳوڻي آءِ جي جيلز نصرت مڱڻ خلاف جاچ تيز

ڪراچي: نارا جيل حيدرآباد جي 8 ايڪڙ 3 گھنٽا زمين تي قبضا ڪري انڊسٽريل مقصدن ۾ استعمال ڪرڻ واري معاملي ۾ نيب اڳوڻي آءِ جي جيلز نصرت مڱڻ ۽ ٻين خلاف جاچ تيز ڪري ڇڏي، مختيارڪار کان سموري زمين جو رڪارڊ طلب، ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب نارا جيل حيدرآباد کي 87 ايڪڙ 7 گھنٽا زمين الاٽ ڪئي وئي هئي پر ڪجهه ماڻهن زمين تي قبضا ڪيا، اهڙي ريت جيل جي وڏي ايراضي کي انڊسٽريل مقصدن لاءِ استعمال ڪيو. نيب جيل جي زمينن تي قبضن واري معاملي تي اڳوڻي آءِ جي جيلز نصرت مڱڻ ۽ ٻين خلاف جاچ تيز ڪري ڇڏي. نيب ذريعن موجب جيل کي الاٽ ٿيل زمين تي ملي ڀڳت سان قبضا ڪيا. نيب ذريعن موجب جيل جي زمين تي قبضا ڪيئن ٿيا؟ اڳوڻي آءِ جي جيل نصرت مڱڻ ۽ ٻين خلاف جاچ جاري آهي. انهي حوالي سان نيب مختيارڪار لطيف آباد کي نوٽيس جاري رڪارڊ طلب ڪيو آهي. نيب نوٽيس ۾ ڄاڻايو آهي ته شروعاتي جاچ ۾ پتو پيو آهي ته جيل کي 87 ايڪڙ 7 گھنٽا زمين الاٽ ڪئي وئي هئي، انهي زمين مان جيل وٽ 78 ايڪڙ 4 گھنٽا آهن، باقي 8 ايڪڙ 3 گھنٽا تي قبضا ٿي ويا. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته نارا جيل جي ڪل ڪيتري ايراضي آهي، روينيو رڪارڊ زمين جي نقشي سان پيش ڪيو وڃي، جيل کي ڪل ڪيترا ايڪڙ الاٽ ٿيا، انهي زمين جي تازي پوزيشن ڇا آهي؟ ڪيتري زمين ڪنهن جي قبضي ۾ آهي ۽ ان زمين تي ڪهڙيون ڪاروباري سرگرميون ٿي رهيون آهن. جيل جي ايريا ۾ ريلوي لائين ڪٿان وڃي ٿي، ريلوي لائين جو نقشو به پيش ڪيو وڃي. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته جيڪا زمين قبضي هيٺ آهي ۽ صنعتي مقصدن لاءِ استعمال ٿي رهي آهي، ان جي موجوده وقت ۾ مالي ويليو ڪيتري آهي، ڇا جيل جي زمين کي چوديواري ڏنل آهي؟ ڇا زمين مارڪ ٿيل آهي؟ جن زمينن تي قبضا آهن، انهن تان قبضا ڇڏائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا ويا؟ جيڪڏهن جيل جي زمين مقاطعي تي ڏني وئي ته ان مقاطعي جي ايگريمينٽ ۽ مقاطعي جي مد ۾ وصول ڪيل رقم جا تفصيل ڏنا وڃن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔