افغان صدر اشرف غني آرمي چيف کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

ڪابل: افغان ميڊيا موجب صدر اشرف غني آرمي چيف عبدالولي احمدزئي کي فوري طور تي عهدي تان هٽائي ڇڏيو آهي ۽ سندس جاءِ تي جنرل هيبت الله علي زئي کي فوري طور نئون آرمي چيف مقرر ڪري ڇڏيو آهي. افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کان پوءِ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي ، طالبان ملڪ جي ڪيترن ئي صوبن جي گاديءَ وارن هنڌن تي ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، جڏهن ته طالبان گاديءَ واري هنڌ ڏانهن پيشقدمي ڪري رهيا آهن. جن صوبن تي طالبان جو ڪنٽرول آهي تن ۾ صوبو فاراه ، بدخشان ، بغلان ، نيمروز ، جوزجان ، قندوز ، سرائي پل ، تخار ۽ سمنگان شامل آهن، جڏهن ته ايبڪ ، تالقان ، شبرغان ۽ زرنج به طالبان جي ڪنٽرول هيٺ آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔