آءِ سي سي ڪرڪيٽ شوقينن کي وڏي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

آءِ سي سي ڪرڪيٽ کي به اولمپڪس گيمز جو حصو بڻائڻ لاءِ تياري شروع ڪندي ورڪنگ گروپ جوڙي ڇڏيو آهي.
رپورٽن موجب انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ڪرڪيٽ کي اولمپڪس 2028 جو حصو بڻائڻ چاهي ٿو ان سلسلي ۾ ورڪنگ گروپ جوڙيو ويو آهي.
آءِ سي سي جي ورڪنگ گروپ جي سربراهي آئن واٽمور ڪندو جڏهن ته اندرا نويي ۽ تاوينگوا موکلاني ميمبرن ۾ شامل هوندا.
واضح رهي ته هن وقت تائين ڪرڪيٽ اولمپڪس گيمز جو حصو نه آهي پر آءِ سي سي جي ڪوشش آهي ته ان کي اولمپڪس جو حصو بڻايو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔