ڊئم فنڊز ۾ گڏ ٿيل رقم ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊئم بدران سيڙپڪاري تي خرچ ٿيڻ جو انڪشاف

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي ڊئم فنڊز ۾ گڏ ٿيل رقم ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊئم بدران سيڙپڪاري تي خرچ ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي، پاڻي وسيلن جي وزير مونس الاهي طرفان ڊئم فنڊز ۾ گڏ ٿيل رقم بابت تفصيل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا، وفاقي وزير مونس الاهي چيو آهي ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس ديامير ڀاشا ۽ مهمند ڊئمن جي اڏاوت لاءِ 10 جولاءِ 2018ع تي ڊئم فنڊ قائم ڪيو ويو هو، سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪيل ڄاڻ موجب فنڊز ۾ ڪُل 12 ارب، 93 ڪروڙ، 40 لک رُپين کان وڌيڪ رقم گڏ ٿي، واپڊا کي ڊئم فنڊ مان هيل تائين ڪابه رقم ناهي ملي، فنڊز جي رقم سان آگسٽ 2020ع تائين 6 ڀيرا ٽريزري بلز تي سيڙپڪاري ڪئي وئي، ٽريزري بِلز تي 12 ارب 93 ڪروڙ 40 لک رُپين جي سيڙپڪاري جو اعتراف ڪيو ويو آھي. ھن وقت ديامير ڀاشا مھمند ڊيم جي فنڊ اڪائونٽ ۾ ڪل 7 لک 99 ھزار 3 سئو 58 رپين جي رقم موجود آھي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔