آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل مامرو: حسين صديقي، بختاور بڙدي ۽ ايشا بلوچ بيگناهه قرار

سکر: آءِ بي اي وڊيو اسڪينڊل واري معامري ۾ ايف آءِ اي جاچ مڪمل ڪري ورتي، جاچ آفيسر ايف آءِ اي ٽن ڄڻن حسين صديقي، بختاور بڙدي ۽ ايشا بلوچ کي بيگناھ قرار ڏئي ڇڏيو آھي، جڏهن ته بختاور سومرو اڳ ئي وڊيو ٺاھڻ جو اعتراف ڪري چڪي، ايف آءِ اي وڊيو اسڪينڊ ۾ اُن کي ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو، ايف آءِ اي جي جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ايف آءِ اي سائيبر ڪرائيم جاچ دوران انڪوائري آفيسر پاران آءِ بي اي يونيورسٽيءَ جي عملدارن جا به بيان رڪارڊ ڪيا ھئا، بختاور سومرو، بختاور بڙدي ۽ ايشا بلوچ جا به جاچ دوران بيان ورتا ويا، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڄاڻايل معاملي متعلق آءِ بي اي يونيورسٽي انتظاميا جي جاچ ڪميٽي طرفان جوڙيل سفارشون به ايف آءِ اي حوالي ڪيون ويون ھيون، وڊيو ٺاھڻ جي الزام ھيٺ آيل بختاور سومرو جو موبائل فون ايف آءِ اي جي فارينزڪ چڪاس واري شعبي کي اماڻيو ويو ھو، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته آءِ بي اي يونيورسٽي سکر جي انتظاميا پاران ايشا بلوچ کي ملوث قرار نه ڏنو ويو ھو پر ايف آءِ اي ايشا بلوچ جو بيان به رڪارڊ ڪيو ڇو ته اھا ڇوڪري به وڊيو ۾ شامل ھئي

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔