گهوٽ ڪنوار جي تصوير ٺاهڻ ۾ مگن فوٽو گرافر سوئمنگ پول ۾ ڪري پيو

ڪراچي: سوشل ميڊيا تي شاديءَ جون دلچسپ وڊيوز ته وائرل ٿين ٿيون جنهن ڪڏهن گهوٽ ته ڪڏهن ڪنوار بحث جو موضوع بڻجن ٿيون پر هن ڀيري ڪجهه مختلف ٿيو آهي، اڄڪله سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ گهوٽ ڪنوار جو فوٽو شوٽ ڪندڙ فوٽو گرافر سوئمنگ پول ۾ ڪري پيو جنهن ڪري اتي موجود هر شخص ڇرڪجي ويو، وڊيو توهان ڏسي سگهو ٿا ته تصويرون ٺاهڻ ۾ مگن فوٽو گرافر کي هن ڳالهه جو احساس ئي نه ٿيو ته هن جي پٺيان سوئمنگ پول به آهي ۽ پوئتي هٽندي هٽندي ان ۾ ڪري پيو، پر خوش قسمتيءَ سان جو هي قيمتي ڪئيمرا پاڻي ۾ ڪرڻ کان بچي وئي،ان موقعي تي گهوٽ ڪنوار سوڌو هر ماڻهو ڇرڪجي ويو ۽ کِلڻ لڳا، نوجوان فوٽو گرافر سوئمنگ پول ۾ ڪرڻ سان گڏوگڏ جلدي ڦڙتي سان پاڻ ئي ٻاهر نڪري ساڳيو ڪم شروع ڪري ڇڏيو..

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔