آمريڪي صدر جو محرم الحرام بابت پيغام

واشنگٽن : آمريڪي صدر جو بائيڊن محرم الحرام جي حوالي سان پيغام جاري ڪري مسلمانن جون دليون کٽي ورتيون.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ جو بائيڊن لکيو ته مان انهن سڀني مسلمانن لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو، جيڪي نئين اسلامي سال جو مشاهدو ڪندي محرم الحرام جي مهيني ۾ تاريخي قربانين کي ياد ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته اسان انصاف ۽ برابري جي آفاقي قدرن جي احترام ۾ توهان سان گڏ آهيون.
آمريڪي صدر طرفان نئين اسلامي سال جي حوالي سان پيغام کي مسلمانن طرفان ساراهيو پيو وڃي ۽ سندس ان قدم کي قدر جي نگاهه سان ڏٺو پيو وڃي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔