مبشر کوکر جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا

ڪراچي: پنجاب جي صوبائي وزير اسد کوکر جي ڀاءُ مبشر کوکر جي قتل ڪيس ۾ وڌيڪ انڪشاف سامهون اچي ويا آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته جوابدار ناظم انڪشاف ڪيو آهي ته مبشر کوکر شادي تقريب ۾ ڏٺو ۽ سلام به ڪيو، تقريب ۾ وزيراعليٰ پنجاب جي موجودگي جي ڪري مبشر ڪجهه نه چيو، جڏهن وزيراعليٰ نڪتو ته ٻاهر وڃي مبشر کوکر کي قتل ڪيو، پوليس انڪشاف ڪيو آهي ته جوابدار ناظم جو ڪو به چاچو قتل نه ٿيو، مانو وال ڳوٺ ۾ مقتول مبشر ۽ جوابدار جو گهر چند قدم تي آهي ۽ مبشر جي قتل بعد گهر ڀاتي گهر کي تالو هڻي غائب ٿي ويا، ذريعن جو چوڻ آهي ته ناظم پنهنجي مقتول ڀاءُ اسلم کي گواهه منشا جي ڦري وڃڻ تي قتل ڪيو، جوابدار ناظم جي ڀاءُ اسلم عرف بلا جي گٺا گروپ سان مخالفت هئي، هڪ پارٽي جي دٻاءُ تي منشا اسلم کي قتل جي گواهي کان انڪار ڪيو هو، جنهن تي ناظم ۽ ان جي ساٿي نديم 2012 ۾ منشا کي قتل ڪيو.
ذريعن جو جو چوڻ آهي ته ناظم کي موت جي سزا ۽ نديم کي عدالت عمر قيد جي سزا ٻڌائي، پر ناظم جي اپيل تي هن کي 2019 ۾ ان ڪيس مان بري ڪيو ويو، ناظم جو جيل کان ٻاهر اچڻ کانپوءِ مبشر کوکر کيس لفٽ نه ڪرائي، جوابدار ناظم کي مبشر کوکر طرفان ڌيان نه ملڻ تي ناراض هو جڏهن ته ناظم کي لفٽ نه ڪرڻ جي ڪري هن کي گٺا گروپ سان مخالفت هئي. پوليس جو چوڻ آهي ته مبشر کوکر قتل جون هر رخ کان جاچ جاري آهي ۽ هن سلسلي ۾ ماضي ٿيل واقعن جو به جائزو ورتو پيو وڃي. واضح رهي ته 6 آگسٽ تي لاهور ۾ پنجاب جي نامزد وزير اسد کوکر جي پٽ جي وليمي جي تقريب ۾ وزيراعليٰ عثمان بُزدار جي موجودگي ۾ فائرنگ جو واقعو پيش آيو هو جنهن ۾ اسد کوکر جو ڀاءُ مبشر کوکر قتل ٿي ويو هو.

  • T

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔