سنڌ سرڪار پاران آبادگارن لاءِ اعلانيل هاري ڪارڊ تي عمل نه ٿيو

حيدرآباد: سنڌ سرڪار پاران صوبي جي آبادگارن لاءِ اعلانيل هاري ڪارڊ تي عمل نه ٿيو، ايوان زراعت پاران سنڌ ۾ هاري ڪارڊ جاري نه ٿيڻ تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو ويو آهي. ايوان زراعت چيو آهي ته پنجاب سميت ٻين صوبن جا آبادگار ڪسان ڪارڊ مان مستفيد ٿين ٿا پر سنڌ ۾ هاري ڪارڊ جي بجيٽ منظور ٿيڻ باوجود اڳڀرائي نه ٿي سگهي آهي. ايوان زراعت سنڌ جي اجلاس ۾ گڊو بئراج تي ننڍي ٻوڏ ڊڪليئر ٿيڻ باوجود پڇڙي ۾ پاڻي جي سخت کوٽ تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو ۽ آبپاشي کاتي جي نئين وزير کي پاڻي کوٽ ختم ڪرائڻ جي اپيل ڪئي وئي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔