بنگالين کي سنڌ جون ملڪيتون ڏيڻ جي سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي: جلال محمود شاهه

ڪراچي: سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي سربراهه سيد جلال محمود شاھ چيو آهي ته وفاقي سرڪار ۾ ويٺل ايم ڪيو ايم جو نفيس وفاقي وزير فروغ نسيم جنهن جي سياست جو محور تعصب ۽ لسانيت تي ٻڌل آهي، تنهن پاران سنڌ جي ملڪيتن کي بنگالين ۽ بهارين کي ڏيڻ واري سازش ڪنهن به صورت ۾ ڪامياب ٿيڻ نه ڏبي. سيد جلال محمود شاھ جو وڌيڪ چوڻ هو ته پي ٽي آئي سرڪار کي اهڙين سنڌ دشمن پاليسن کان باز اچڻ گھرجي، وفاقي سرڪار کي اهو اختيار بلڪل به ناهي ته هو ورهاڱي وقت ڇڏيل ملڪيت جي ورهاست ڪري، سنڌ اندر ملڪيتون سنڌ جي عوام جي امانت آهن.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔