ٽائيپنگ کان سواءِ واٽس ايپ ميسيج موڪلڻ جو طريقو

سان فرانسسڪو : واٽس ايپ استعمال ڪندڙ ٽائيپنگ کان سواءِ به دوستن کي پيغام موڪلي سگھن ٿا.
واٽس ايپ جا سڄي دنيا ۾ ٻه ارب کان وڌيڪ واهيپدارن آهن، جن مان ڪجهه هزار شايد ان ڳالهه مان واقف هوندا ته کين ڪنهن به پيغام جو جواب ڏيندي ٽائيپنگ جي ضرورت ناهي پر هو ڳالهاءِ به پنهنجا لفظ لکت صورت ۾ به دوستن کي موڪلي سگھن ٿا.
اها سهولت اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس ٻنهي آپريٽنگ سسٽم استعمال ڪندڙن لاءِ دستياب آهي. جنهن لاءِ اينڊرائيڊ واهپيدارن کي پلي اسٽور تان گوگل اسسٽنٽ جڏهن ته آءِ او ايس موبائل واهپيدارن کي اسٽور تان سري نالي ايپ اسنٽال ڪرڻي پوندي.
گوگل اسسٽنٽ انسٽال ڪرڻ کان پوءِ واهپيدارن کي پيغام ڏسڻ لاءِ اسڪرين ڏسڻ جي ضرورت به نه آهي ڇو جو اهي ايندڙ پيغام کي سسٽم جي مدد سان ٻڌي سگھن ٿا.
جيڪڏهن ڪنهن واهپيدار کي آواز جي صورت ۾ پيغام جي ضرورت ناهي ته اهو سيٽنگز ۾ وڃي ان کي بند ڪري سگھي ٿو.
سڀ کان اڳ اينڊرائيڊ سمارٽ فون يا ٽيبليٽ ۾ گوگل اسسٽنٽ نالي ايپليڪيشن انسٽال ڪيو، جنهن کي ”هاءِ گوگل“ ۽ او ڪي گوگل جهڙا لفظ ادا ڪري استعمال ڪري سگھجي ٿو.
ان کان سواءِ اينڊرائيڊ واهپيدار جڏهن موبائل جي هوم بٽڻ کي دٻائي رکندو تڏهن به گوگل اسسٽنٽ ايپليڪيشن آن ٿي ويندي.
ايپليڪيشن انسٽال ٿيڻ کان پوءِ اوهان پنهنجي موبائل ۾ محفوظ ڪنهن به دوست جو نالو وٺي ان کي پيغام موڪلي سگھند

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔