ڪشمير پريميئر ليگ جو رنگا رنگ افتتاح

مظفرآباد: ڪشمير پريميئر ليگ (ڪي پي ايل)2021 جي افتتاحي تقريب ۾ ٽرافي جي رونمائي ڪئي وئي.
اڳوڻي ڪپتان ۽ ناليواري آل رائونڊر شاهد آفريدي، ڪامران اڪمل، عبدالرزاق، شان مسعود ۽ سهيل تنوير ٽرافي جي مهورت ڪئي.
مظفرآباد ۾ آزاد جمون ۽ ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان ڪي پي ايل جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪيو.
صدر جمون ۽ آزاد ڪشمير چيو ته اسان جو ڪو به سياسي ايجنڊا ناهي، ڀارت کي ڪرڪيٽ تي سياست نه ڪرڻ کپي.
سردار مسعود خان وڌيڪ چيو ته هڪ ڏينهن ايندو جڏهن اسان والاريل ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به ڪرڪيٽ کيڏنداسين.
تقريب کي ڪي پي ايل جي نائب صدر وسيم اڪرم، چيئرمين ڪشمير پارلياماني ڪميٽي شهريا آفريدي، اڳوڻي ٽيسٽ فاسٽ بالر شعيب اختر، ڪي پي ايل جي صدر عارف ملڪ ۽ سينيٽر فيصل جاويد به خطاب ڪيو.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔