تصويرن ۽ وڊيوز جي پرائيويسي لاءِ واٽس ايپ ۾ نئون فيچر متعارف

واٽس ايپ واهپيدارن جي سهولت کي نظر ۾ رکندي انهن جي تصويرن ۽ وڊيوز جي پرائيويسي ۽ ايپ جي ميموري کي بچائڻ لاءِ ”ويوونس“ جو فيچر معارف ڪرايو آهي.
ان نئين فيچر تحت هاڻ موڪليون ويندڙ تصويرون يا وڊيوز هڪ ڀيرو کلڻ کان پوءِ چيٽ تان مڪمل طور تي گم ٿي ويندا.
جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي اهڙي تصوير يا ڄاڻ موڪلڻ چاهيو جنهن بابت اوهان کي يقين نه هجي موڪلڻ گھرجي يا نه ته اوهان اهو ويوونس جي فيچر کي استعمال ڪري موڪلي سگھيو ٿا ڇو جو ان سان هو شخص ان کي رڳو هڪ ڀيرو کولي ڏسڻ جو اهل هوندو..
واضح رهي ته واٽس ايپ جي باني مارڪ زڪربرڪ جون ۾ ويونس نالي فيچر جو اعلان ڪيو هو ۽ ٻڌايو هو ته جلد متعارف ڪرايو ويندو جڏهن ته بيٽا ورجن استعمال ڪندڙ واهپيدارن وٽ اها سهولت گذريل هڪ مهيني کان موجود آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔