ٽوڪيو اولمپڪس: ارشد نديم جيولين ٿرو مقابلن جي فائلن ۾ پهچي ويو

ٽوڪيو: پاڪستان جو ارشد نديم ٽوڪيو اولپڪس ۾ جيولين ٿرو مقابلن جي فائنل ۾ پهچي چڪيو آهي ۽ هو اولمپڪس ايٿليٽڪس مقابلن جي فائنل تائين پهچڻ وارو پهريون پاڪستاني ايٿليٽ بڻجي ويو آهي.
ٽوڪيو اولمپڪس ۾ جيولين ٿرو جون گروپ ميچون اربع جي صبح تي ٿيون جن ۾ پاڪستان جي ارشد نديم گروپ بي ۾ شامل هو.
ايونٽ ۾ شريڪ ايٿليٽس کي فائنل ۾ پهچڻ جي لاءِ 83.5 جي ٿرو گهربل هئي، ارشد نديم پهرين ڀيري ۾ 78.5 جي ٿرو ڪري سگهيو پر ٻئي ڀيري ۾ هن 85.16 جي ٿرو ڪري پاڻ کي فائنل لاءِ ڪوائيليفاءِ ڪري ورتو.
اها ارشد نديم جي پنهنجي ڪيريئر جي ٽئين بهتري ٿرو هئي اهو 85.16 جي ٿرو سان گڏ گروپ بي ۾ پهرين پوزيشن تي رهيو جڏهن ته گروپن ۾ گڏيل طور سندس ٿرو ٽئين نمبر تي رهي.
ٻئي پاسي قومي ٽيم جي ڪرڪيٽر حسن جيڪڏهن ارشد نديم جي اولمپڪس ۾ ميڊل کٽڻ تي کيس انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.

جواب شامل کریں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔